عثمان شاهه هڙي: ڳوٺ بهار خان ميرجت جي گرلز هائي اسڪول ۾ انٽرنيشنل لٽريسي جو عالمي ڏهاڙو ملهايو ويو
عثمان شاهه هڙي ( رپورٽ: اي جي عاقلاڻي ) ڳوٺ بھار خان ميرجت جي گورنمنٽ گرلس ھائي اسڪول ۾ اين سي ايڇ ڊي پاران 8 سيپٽمبر جي حوالي سان انٽرنيشنل لٽريسي جو عالمي ڏينهن مھلايو ويو ، انٽرنيشنل لٽريسي جي عالمي ڏينھن جي حوالي سان اين سي ايڇ ڊي جي ڊائريڪٽر راحيلا ميرجت ڳالهيندي چيو ته لٽريسي ڊي جي موقعي تي آئون اهو پيغام ڏيان ٿي ته مرد پڙھيو ھڪ فرد پڙھيو جڏھن ته ھڪ عورت پڙهي ته پورو ڪٽنب پڙھيو، هن وڌيڪ چيو ته ضلعي ليول تي ھميشه اين سي ايڇ ڊي تعليم کي سٺو فروغ ڏنو آھي
