باڊهه: ڳوٺ اوٺوال واسين جو ڳوٺ جي وڏيري خلاف احتجاج

WhatsApp Image 2024-09-08 at 18.38.38_3381c4b1

باڊهه ( رپورٽ: افضل سانڀل ) باڊهه ڀرسان ڳوٺ اوٺوال جي رهواسڻ ناري کي ڳوٺ جو وڏيرو زبردستي شادي ڪرڻ لاءِ تنگ ڪرڻ لڳو آهي، ان سلسلي ۾ ناري جي وارثن بااثر وڏيري ۽ باڊهه پوليس خلاف احتجاج ڪيو، ناري سنبرين کوکر پنهنجي وارثن احسان علي کوکر،روشن علي کوکر ۽ ٻين سان گڏجي احتجاج ڪندي دانهيو ته اسان جي ڳوٺ جو وڏيرو علي حسن کوکر زبردستي شادي ڪرڻ لاءِ تنگ ڪري رهيو آھي، انڪار ڪرڻ تي هو مون کي اغوا ڪرڻ ۽ منهنجي والدين ۽ ڀائرن کي موتمار ڌمڪيون ڏئي رهيو آھي ۽ ڳوٺ مان لڏائڻ چاهي ٿو، هن چيو ته اسان باڊهه ٿاڻي تي ڪيترائي ڀيرا ان بااثر وڏيري جي دانهن کڻي ويا آھيون پر پوليس بااثر خلاف ڪاروائي ڪرڻ لاءِ تيار ناهي هنن مطالبو ڪيو ته بااثر وڏيري خلاف قانوني ڪاروائي ڪري مونکي ۽ وارثن کي تحفظ فراهم ڪري انصاف ڪيو وڃي.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *