سڳيون: ڳوٺ گل خان ڪلهوڙو ۾ نانگ جي ڪکجڻ سبب نوجوان مرڻينگ
سڳيون ( رپورٽ: نجيب ڪلهوڙو ) ڳوٺ گل خان ڪلھوڙو ۾ 19 ساله نوجوان سڄڻ ڪلهوڙو کي نانگ ڪکي وڌو، جنهن کي وارثن پاران فوري طور تي سڳيون جي بي، ايڇ، يو اسپتال آندو ويو جتان کيس وڌيڪ علاج لاءِ ڳڻتي جوڳي حالت ۾ ايمبولينس ذريعي گمس اسپتال گمبٽ نيو ويو جتي سندس علاج ھلندڙ آهي
