سڳيون: ڪچي اندر ٻوڏ جي پاڻي ۾ لاٿ باوجود روڊ رستا بحال نه ٿي سگهيا

WhatsApp Image 2024-09-08 at 16.21.10_9a69febf

سڳيون ( رپورٽ: نجيب ڪلهوڙو ) سڳيون جي ڪچي ۾ ٻوڏ جي پاڻي ۾ وڏي پيماني تي لاٿ باوجود انتطاميا روڊن رستن جي بحالي لاءِ ڪي اپاءَ نه ورتا، ڪچي جي سوين ڳوٺن جي رھواسين کي ڪچي کان شھرن طرف اچڻ وڃڻ ۾ سخت مشڪلاتن کي منھن ڏيڻو پئجي رھيو آهي انتطاميا جي بي حسي جي ڪري ڳوٺ مطلب ڪلھوڙو جي سوين ڳوٺاڻن پنھنجي مدد پاڻ تحت ڪچي جي رستي ڳوٺ مطلب ڪلھوڙو کان سڳيون طرف،ڳوٺ مطلب ڪلھوڙو کان خانواهڻ طرف ويندڙ مين رستي جي بحالي لاءِ ٽن ڏينھن جي جدو جھد کان پوءِ رستو بحال ڪري ڇڏيو، ان موقعي تي محمد عرس ڪلھوڙو، عبدالغني ڪلھوڙو، استاد عاشق حسين ۽ ٻين چيو ته اسان پنھنجي مدد پاڻ تحت ڪجھه رستا بحال ڪيا آھن جڏھن ته ايس ايم بچاءَ بند سڳيون کان ڪمدار عرس چني جي مشين کان ڪچي طرف مين رستي ۽ امن جي ڇھي سميت ڪچي جي ٻين رستن جي بحالي لاءِ انتطاميا کي گھرجي ته تڪڙا اپاءَ وٺي

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *