باڊهه: باڊهه تعلقه موومينٽ جي سڏ تي باڊهه کي تعلقو نه بنائڻ خلاف احتجاج

WhatsApp Image 2024-09-08 at 14.41.56

باڊهه ( رپورٽ: افضل سانڀل ) باڊهه شهر کي تعلقي جو درجو ڏيارائڻ لاءِ باڊهه تعلقه موومينٽ پاران ڊپٽي ڪنوينر زيب علي ساريو جي اڳواڻي ۾ باڊهه ميڊيا هائوس کان ٽائون هال تائين ريلي ڪڍي ڌرڻو هنيو ويو، مظاهرين جي هٿن ۾ بينر ۽ پلي ڪارڊ هئا جن تي باڊهه شهر کي تعلقي جو درجو ڏيارائڻ جا نعرا لکيل هئا، احتجاجي مظاهري ۾ علي انور عسڪري، ڪامريڊ اصغر نوناري، محمد علي خشڪ، محمد صفر مغيري، مير مرتضيٰ گوپانگ، جمال خاصخيلي ۽ ٻين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي، ان موقعي تي اڳواڻن چيو ته باڊهه شهر 14 وارڊن تي مشتمل لاڙڪاڻي ضلعي جو ٻيو نمبر وڏو شهر آهي جنهن کي تعلقي جو درجو ته نه ملي سگهيو پر چونڊيل نمائندن نظرانداز ڪري شهر کي هڪ ٻيو موئن جو دڙو بڻائي ڇڏيو آهي، هنن چيو ته مرڻ گهڙي تائين اسان پنهنجي جدوجهد جاري رکنداسين، هنن مطالبو ڪيو ته باڊهه کي تعلقي جو درجو ڏئي شهرين مان بيچيني ختم ڪئي وڃي

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *