نئون ديرو: ڳوٺ بچل گوپانگ واسي 10هين ڪلاس جو شاگرد لاپته وارث پريشان
نئون ديرو ( رپورٽ: وقار ڀٽو ) ڳوٺ بچل خان گوپانگ جو رهواسي ڏهين ڪلاس جو شاگرد عامر علي ولد شاهنواز گوپانگ لاپتا ٿي ويو آهي، سندس وارثن پاران اغوا جو شڪ ظاهر ڪيو ويو آهي، شاگرد جي وارثن چيو ته عامر جمعي جي ڏينهن يارهين وڳي نئون ديرو مان ڪتاب ۽ ٻيو سامان وٺڻ لاءِ چئي ويو هو پر اڃا تائين گهر ناهي موٽيو اسان نئون ديرو ٿاڻي تي اين سي داخل ڪرائي آهي هنن وس وارن کان نينگر جي ڳولا ۾ مدد جي اپيل ڪئي آهي
