خيرپور: شاهه عبدالطيف يونيورسٽي جي ايمپلائيز ويلفيئر ايسوسيئيشن مطالبن جي مڃتا لاءِ 14هين ڏينهن به احتجاج

Screenshot 25-12-15 13-08-09

خيرپور (رپورٽ: زبير سومرو) احتجاجي تحريڪ جي سلسلي ۾ 14هين ڏينهن به ملازمن يونيورسٽي جي ايڊمن بلاڪ آڏو احتجاجي مظاهرو رڪارڊ ڪرايو، جتي يونيورسٽي انتظاميه خلاف سخت نعريبازي ڪئي وئي.

احتجاج جي اڳواڻي ايسوسيئيشن جي صدر حاڪم علي ڦلپوٽو، جنرل سيڪريٽري عبدالوحيد سانگري، عبدالرحيم چانڊيو، بدا حسين ڦلپوٽو، لياقت ڏوگر سميت ٻين اڳواڻن ڪئي، جڏهن ته وڏي انگ ۾ يونيورسٽي جا ملازم به مظاهري ۾ شريڪ ٿيا.

ان موقعي تي اڳواڻن خطاب ڪندي چيو ته يونيورسٽي انتظاميه گذريل چوڏهن ڏينهن کان احتجاج تي ويٺل ملازمن جي جائز ۽ بنيادي مطالبن کي دانسته طور نظرانداز ڪري رهي آهي، جيڪا سراسر ناانصافي ۽ زيادتي آهي.

هنن چيو ته ملازمن جا مطالبا قانوني ۽ جائز آهن، پر ان باوجود انتظاميه ڪنهن به قسم جي سنجيدگي جو مظاهرو نٿي ڪري.

اڳواڻن وڌيڪ چيو ته جيڪڏهن انتظاميه فوري طور تي ملازمن سان ڳالهيون ڪري مسئلا حل نه ڪيا ته احتجاج جو دائرو وڌيڪ وڌايو ويندو ۽ سخت احتجاجي قدم کنيا ويندا، جنهن جي مڪمل ذميواري يونيورسٽي انتظاميه تي هوندي.

احتجاج ڪندڙ ملازمن جو چوڻ هو ته هو پنهنجي حقن جي حاصلات تائين پرامن احتجاج جاري رکندا ۽ ڪنهن به دٻاءَ آڏو نه جهڪندا.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *