ڪنڊيارو ۾ شاهينگ عورتن مشهور دڪاندار جي ڀاءُ کان لکين رپيا ڦري ورتا
ڪنڊيارو (رپورٽ: عبدالوحيد چنا) کڙ ڪٽيءَ جي مشهور دڪاندار نصرالله کوکر جي ڀاءُ عبيدالله کوکر کان شاهينگ عورتن مبينه لکين رپيا ڦري ورتا.
متاثر عبيدالله کوکر ٻڌايو ته هو بينڪ ۾ پيسا جمع ڪرائڻ لاءِ وڃي رھيو ھيو ته شھر ۾ عورتن جي هڪ ٽولي کيس گهيري ۾ آندو، جنهن دوران سندس کيسي مان چار لک اسي هزار رپيا ڪڍي ويا ڪڍيا ويا.
عبيدالله کوکر موجب عورتون ڇهه کان ست هيون، جن سان گڏ ٻه ننڍا ٻار به موجود هئا، جڏهن هن ڪيش ڪڍي ڏٺو ته ساڍا ٽي لک رپيا گهٽ هئا، جنهن بعد کيس ڦرلٽ جو احساس ٿيو.
