ڄامشورو ۾ واٽر سپلاءِ بند شھري سخت مشڪلاتن کي منهن ڏيڻ لڳا ٽينڪر مافيا سرگرم
ڄامشورو (رپورٽ: بابو کوسو) ڪي بي فيڊر تي هلندڙ ڪم سست روي جو شڪار شھرين پاران ڀريا وليج، غريب آباد، نورشاهه محلا، ريلوي اسٽيشن محلا، ڀلائي محلا، سيد محلا، سينڊوز محلا، بلوچ ڪالوني، سنڌڙي ٽائون ۽ بسم الله ڪالوني سميت شھر جي مختلف علائقن ۾ پاڻي جي فراهمي يقيني بڻائڻ توڙي ٽينڪر مافيا خلاف ڪاروائي ڪرڻ جو مطالبو
ڄامشورو جي سياسي سماجي اڳواڻن واحد بخش ڀلائي اڪبر ميمڻ ساگر عالماڻي محمد قمبراڻي پير بخش سھارڻ فياض ابڙو آصف ڀلائي ۽ ٻين نيوز نائو سان ڳالهائيندي چيو ته شھر کي پاڻي جي فراهمي يقيني بڻائي وڃي جيئن شھري ٽينڪر مافيا مان ڇوٽڪارو حاصل ڪري سگھن
ايريگيشن کاتي جي عملدارن موجب ويھ ڊسمبر کان پندرهن جنوري تائين ناتال ھجڻ سبب ڪي بي فيڊر تي موجود بندن کي پڪو ڪيو پيو وڃي، جيئن پاڻي ضايع ٿيڻ کي روڪي سگھجي.
