شڪارپور: پي ايس 9 ضمني چونڊ جا غيرحتمي غيرسرڪاري نتيجا پڌرا پ پ اميدوار آغا شهباز دراني 73,554 ووٽ کڻي ڪامياب

423013_6801177_updates

شڪارپور (رپورٽ: عاشق علي ڪلهوڙو) سنڌ اسيمبلي جي تڪ پي ايس 9 ۾ ٿيل ضمني چونڊن جا غير سرڪاري نتيجا جاري ڪيا ويا آهن.

سڀني 178 پولنگ اسٽيشنن جي غير سرڪاري نتيجن موجب پاڪستان پيپلز  پارٽي جي آغا شهباز دراني 73,554 ووٽ حاصل ڪري ڪاميابي حاصل ڪئي.

غير سرڪاري نتيجن موجب جي يو آءِ-ف جي رشيد الله شاهه 9,412 ووٽن سان ٻئي نمبر تي رهيو. ياد رهي پي ايس 9 جي سيٽ آغا سراج دراني جي لاڏاڻي سبب خالي ٿي هئي.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *