ڪي پي ڪي ۾ سيڪيورٽي فورسز جون ڪاروائيون، ڀارتي حمايت يافته 13 دھشتگرد جهنم واصل

security-forces

(ويب ڊيسڪ) خيبرپختونخواهه جي ضلعي مھمند ۽ بنون ۾ سيڪيورٽي فورسز ڌار ڌار ڪاروائيون ڪيون آهن جن ۾ ڀارتي حمايت يافته 13 دھشتگرد مارجي ويا آھن.

آءِ ايس پي آر جي پڌرائي موجب دھشتگردن جي موجودگي جي اطلاع تي مھمند ضلعي ۾ انٽيليجنس بيسڊ آپريشن ڪيو ويو ۽ فورسز دھشتگردن جي ٺڪاڻن کي نشانو بڻايو ويو.

آءِ ايس پي آر موجب ڪارروائي دوران شديد فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ 7 دھشتگرد مارجي ويا. بنون ۾ سيڪيورٽي فورسز جي ڪارروائي ۾ وڌيڪ 6 دھشتگرد مارجي ويا.

پڌرائي موجب علائقي ۾ دھشتگردن جي خاتمي لاءِ ڪليئرنس آپريشن جاري آھي، پاڪ فوج جي ترجمان موجب مارجي ويل دھشتگردن جي قبضي مان ھٿيار ۽ بارودي مواد ھٿ ڪيو ويو آھي.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *