خيرپور: پنجهٽي واسڻ عورت پراسرار نموني فوت، مڙهه اسپتال منتقل

Screenshot 25-12-14 21-56-56

خيرپور (رپورٽ: زبير سومرو) اي سيڪشن ٿاڻي جي حد پنجهٽي جي رهواسڻ عورت سول اسپتال خيرپور ۾ پراسرار نموني فوت ٿي، عورت جي والده طرفان ڌيءَ کي سندس مڙس طرفان تشدد ڪري قتل ڪرڻ جو الزام

اي سيڪشن ٿاڻي جي حد پنجهٽي واري علائقي جي رهواسڻ شادي شده عورت مسمات ريشمان زال عامر شيخ سول اسپتال خيرپور ۾ پراسرار نموني فوت ٿي وئي

اسپتال ۾ موجود فوتي عورت جي والده مسمات گلشن خاتون الزام مڙهيو ته سندس ڌيءَ مٿان سندس مڙس سخت تشدد ڪيو جنهن کي بيھوشي واري حالت ۾ سول اسپتال خيرپور آندو ويو جتي هوءَ فوت ٿي وئي

ھن ٻڌايو ته ڌيءَ جي لاش جو پوسٽ مارٽم ڪرايو پيو وڃي جڏهن ته سندس مڙس خلاف ڪيس داخل ڪرايو ويندو

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *