پنجاب ڪابينا تحريڪ لبيڪ پاڪستان تي پابندي جي منظوري ڏئي ڇڏي

418374_1446310_updates

(ويب ڊيسڪ) لاهور ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي پنجاب جي اطلاعات واري وزير عظميٰ بخاري چيو ته سڄي دنيا غزه جنگ بندي جي معاملي ۾ پاڪستان جي ڪردار کي تسليم ڪري ٿي.

هن چيو ته پر هتي هڪ مذهبي جماعت پاران احتجاج جو اعلان ڪيو ويو، غزه امن معاهدي تي صحيحون ٿي چڪيون هيون، پرتشدد مظاهرين ملڪ ۽ عوام جا خيرخواه نه ٿا ٿي سگهن.

هن چيو ته ڪنهن کي به بنيادي حقن کان انڪار ڪرڻ جي اجازت نه ٿي ڏئي سگهجي، هڙتال جي ڪال کي رد ڪرڻ تي ڪاروباري برادري، ٽرانسپورٽرن ۽ عوام احتجاج جي ڪال کي رد ڪيو.

عظميٰ بخاري چيو ته پنجاب ڪابينا ٽي ايل پي تي پابندي جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي، ۽ ٽي ايل پي تي پابندي لڳائڻ جي سمري وفاقي حڪومت ڏانهن موڪلي وئي آهي.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *