يو اي اِي ۾ برساتن جي گهٽتائي سڀاڻي سمورين مسجدن ۾ نمازِ استسقاء ادا ڪرڻ جو فيصلو

418298_478455_updates

(ويب ڊيسڪ) عرب ميڊيا موجب اماراتي صدر شيخ محمد بن زايد النهيان جي هدايتن تي گڏيل عرب امارات جي سڀني مسجدن ۾ سڀاڻي برسات لاءِ “نماز استسقاء” ادا ڪئي ويندي.

استسقاء جي نماز سڀاڻي جمعي جي نماز کان اڌ ڪلاڪ اڳ ادا ڪئي ويندي. اماراتي صدر جي درخواست تي برسات لاءِ خاص دعا جو پڻ انتظام ڪيو ويندو.

اختيارين عوام کي اپيل ڪئي آهي ته هو خلوص ۽ عقيدت سان هن دعا ۾ حصو وٺن.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *