ڪرسٽيانو رونالڊو هڪ ٻيو عالمي رڪارڊ ٽوڙي نئين تاريخ رقم ڪري ڇڏي
(ويب ڊيسڪ) 40 سالن جي رونالڊو هنگري خلاف ميچ ۾ ٻه شاندار گول ڪيا ۽ فيفا ورلڊ ڪپ ڪواليفائر جي تاريخ ۾ سڀ کان وڌيڪ اسڪور ڪندڙ بڻجي ويو.
رونالڊو جا 50 ورلڊ ڪپ ڪواليفائر ۾ ٽوٽل گول 41 تائين پهچي ويا آهن، اڳ ۾ فيفا ورلڊ ڪپ ڪواليفائر ۾ سڀ کان وڌيڪ گولن جو عالمي رڪارڊ گوئٽي مالا جي ڪارلوس روئز وٽ هو، جنهن 39 گول ڪيا هئا.
رونالڊو سوشل ميڊيا تي لکيو ته اهو ڪو راز ناهي ته قومي ٽيم جي نمائندگي ڪرڻ منهنجي لاءِ تمام گهڻو مطلب رکي ٿو، جنهن ڪري مون کي هي منفرد سنگ ميل حاصل ڪرڻ تي تمام گهڻو فخر آهي.
اهو ياد رکڻ گهرجي ته پرتگال ۽ هنگري جي وچ ۾ ورلڊ ڪپ ڪواليفائر ميچ 2-2 جي برابري تي ختم ٿيو، پرتگال ورلڊ ڪپ ڪواليفائر جي گروپ ايف ۾ 10 پوائنٽن سان اڳواڻي ڪري ٿو.
