جنگ بندي جو فائدو وٺندي دهشتگردن جي پاڪستان ۾ گھڙڻ جي ڪوشش ناڪام، آپريشن ۾ 45 کان 50 دهشتگرد مارجي ويا
(ويب ڊيسڪ) ذريعن موجب سيڪيورٽي فورسز خيبر پختونخواهه جي مهمند ضلعي مان دهشتگردن جي پاڪستان ۾ گهڙڻ جي ڪوشش ناڪام بڻائي ڇڏي آهي.
سيڪيورٽي ذريعن جو چوڻ آهي ته پاڪ فوج مهمند ۾ ڪامياب آپريشن ڪيو، جنهن ۾ 45 کان 50 دهشتگرد مارجي ويا، ۽ آپريشن دوران ڪيترائي زخمي پڻ ٿيا سيڪيورٽي ذريعن موجب مهمند ۾ آپريشن انٽيليجنس معلومات جي بنياد تي ڪيو ويو.
سيڪيورٽي ذريعن جو چوڻ آهي ته پاڪ فوج علائقي کي گهيري ۾ آڻي ڪليئرنس شروع ڪري ڇڏيو آهي، هن آپريشن دوران فائرنگ جي ڏي وٺ ڪيترن ئي ڪلاڪن کان جاري آهي.
