پيرجوڳوٺ: درگاهه پاڳارا جو اڳوڻو خطيب مفتي محمد رحيم سڪندري لاڏاڻو ڪري ويو
پيرجوڳوٺ (رپورٽ: اڪبر بخاري) خانقاهه پيران پاڳارا جو اڳوڻو خطيب ۽ ديني تعليم جو ممتاز عالم، مفتي محمد رحيم سڪندري، طويل عرصي تائين بيمار رهڻ بعد ڪراچي جي هڪ نجي اسپتال ۾ لاڏاڻو ڪري ويو. سندس عمر جي آخري ڏينهن تائين ديني خدمت ۽ تبليغ ۾ گذريا.
مفتي محمد رحيم سڪندري سڄي زندگي درگاهه پيرجوڳوٺ ۾ ديني فرائض سرانجام ڏنا ۽ علائقي جي ماڻهن کي اسلامي اصولن جي روشني ۾ رهنمائي فراهم ڪندو رهيو. سندس لاڏاڻي تي پيرجوڳوٺ سميت پوري علائقي ۾ سوڳ واري فضا ڇانيل آهي.
سندس وفات تي سياسي، سماجي، ۽ مذهبي ڌرين پاران ڏک جو اظهار ڪيو ويو آهي ۽ پونيئرن سان همدردي جو اظهار جاري آهي. عوامي توڙي علمي حلقن پاران سندس لاڏاڻي کي هڪ وڏو علمي نقصان قرار ڏنو ويو آهي.
