پاڪ فوج طالبان جي حملي کي ناڪام بڻائي ڇڏيو، 20 طالبان جهنم واصل
(ويب ڊيسڪ) (آءِ ايس پي آر) موجب، افغان طالبان ۽ فتنه الخوارج بلوچستان جي علائقي اسپن بولدڪ ۾ 4 هنڌن تي حملو ڪيو، پاڪستاني فوج جي آپريشن ۾ 15 کان 20 افغان طالبان مارجي ويا.
آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته افغان طالبان ۽ فتنه الخوارج دهشتگرد ڳوٺن ۽ معصوم ماڻهن کي ڍال طور استعمال ڪري رهيا آهن.
آءِ ايس پي آر موجب، علائقي ۾ صورتحال اڃا تائين ڇڪتاڻ ۽ غير يقيني ٻڌائي پئي وڃي. رپورٽون آهن ته فتنه الخوارج ۽ طالبان وڌيڪ حملن جي تياري ڪري رهيا آهن ۽ هي حملو صرف اسپن بولدڪ تائين محدود ناهي پر هڪ وسيع منصوبي جو حصو آهي.
آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته پاڪستاني فوج گذريل رات فتنه الخوارج ۽ افغان طالبان جي ڪرم سيڪٽر تي حملي جي ڪوشش کي به ناڪام بڻائي ڇڏيو. جوابي حملي ۾ افغان طالبان جون 8 پوسٽون، 6 ٽينڪ ٿي ويا ۽ 25 کان 30 طالبان ۽ فتنه الخوارج مارجي ويا.
