ڪراچي: سنڌ اسيمبلي جو اڳوڻو اسپيڪر آغا سراج دراني خانگي اسپتال ۾ لاڏاڻو ڪري ويو

Screenshot (2)

ڪراچي (رپورٽ: باقر حسين ) خانداني ذريعن موجب آغا سراج دراني ڪجهه وقت کان سخت بيمار هو ۽ علاج هيٺ هو، پر اڄ سندس حالت وڌيڪ خراب ٿي وئي، جنهن بعد کيس ڪراچي جي نجي اسپتال ۾ داخل ڪيو ويو، جتي هو جانبر نه ٿي سگهيو ۽ لاڏاڻو ڪري ويو.

آغا سراج دراني جو تعلق پاڪستان پيپلز پارٽي سان هو، هو ڪيترائي سال سنڌ اسيمبلي جي اسپيڪر طور خدمتون سرانجام ڏيندو رهيو. سنڌ جي سياست ۾ سندس نالو هڪ بااثر، تجربيڪار ۽ پارٽي سان انتهائي وفادار اڳواڻ طور ورتو ويندو هو.

سندس لاڏاڻي تي سياسي، سماجي ۽ ادبي حلقن ۾ گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو ويو آهي.

وزيراعليٰ سنڌ، پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري، آصف علي زرداري، ۽ ٻين اڳواڻن پاران به تعزيت جو اظهار ڪندي چيو ويو آهي ته آغا سراج دراني جي وفات سان پيپلز پارٽي هڪ مخلص ساٿي وڃائي ڇڏيو آهي.

مرحوم جي جنازي نماز ۽ تدفين جو شيڊول بعد ۾ جاري ڪيو ويندو.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *