فيلڊ مارشل عاصم منير جي صدر مملڪت آصف علي زرداري سان ملاقات، سيڪيورٽي معاملن تي حال احوال

Annotation 2025-10-15 175405

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) فيلڊ مارشل سيد عاصم منير صدر مملڪت آصف علي زرداري سان ملاقات ڪئي آهي، ملاقات ۾ ملڪ جي اندروني ۽ ٻاهرين سيڪيورٽي صورتحال تي تفصيلي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي.

فيلڊ مارشل صدر کي ملڪ جي مجموعي سيڪيورٽي پوزيشن، سرحدي صورتحال ۽ افغان طالبان جي تازي جارحيت تي پاڪستاني فوج جي جوابي ڪارروائي بابت آگاهه ڪيو.

صدر زرداري پاڪستاني فوج جي پيشه وراڻي صلاحيت، دفاعي تيارين ۽ ملڪ جي دفاع ۾ پاڪ فوج جي ڪردار جي تعريف ڪئي.

هن چيو ته پاڪستان پنهنجي قومي خودمختياري ۽ علائقائي سالميت جي حفاظت لاءِ هر قيمت تي قدم کڻندو. صدر سرحد پار حملن جي اثرائتي جواب لاءِ فوج جي بهادري، صلاحيت ۽ عزم جي تعريف ڪئي.

فيلڊ مارشل عاصم منير صدر کي ٻڌايو ته پاڪستاني فوج افغان سرحد کان تازين حملن جو فوري ۽ اثرائتو جواب ڏنو آهي، ۽ ملڪ جي سرحدن جي حفاظت لاءِ سڀئي وسيلا استعمال ڪيا پيا وڃن.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *