سنڌ حڪومت پاران 20 ۽ 21 آڪٽوبر تي ڏياري جي موڪلن جو اعلان

udayaditya-barua-xisPXJqwQkA-unsplash-680x383

(ويب ڊيسڪ) سروسز، جنرل ايڊمنسٽريشن ۽ ڪوآرڊينيشن کاتي پاران جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب موڪلون صرف سرڪاري کاتن ۾ ڪم ڪندڙ هندو برادري جي ملازمن لاءِ هونديون.

سنڌ حڪومت جي نوٽيفڪيشن ۾ چيو ويو آهي ته سڀني سرڪاري ادارن جا هندو ملازم سومر ۽ اڱاري تي پنهنجن خاندانن سان ڏياري ملهائيندا.

نوٽيفڪيشن ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته جيڪڏهن ڪنهن به يونيورسٽي، ڪاليج يا اسڪول جا امتحان ڄاڻايل تاريخن تي شيڊول ڪيا ويا آهن ته انهن کي بعد ۾ ٻيهر شيڊول ڪيو ويندو.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *