پشاور هاءِ ڪورٽ ڪي پي جي گورنر کي نئين چونڊيل وڏي وزير کان فوري حلف وٺڻ جو حڪم
(ويب ڊيسڪ) پشاور هاءِ ڪورٽ نئين چونڊيل وڏي وزير کان حلف کڻڻ جي درخواست تي محفوظ ڪيل فيصلو ٻڌائي ڇڏيو. عدالت پنهنجي فيصلي ۾ چيو ته جيڪڏهن گورنر سڀاڻي شام 4 وڳي تائين حلف نه کڻندو ته اسيمبلي جو اسپيڪر حلف کڻندو.
خيبر پختونخواهه جو گورنر سڀاڻي نئين چونڊيل وڏي وزير کان حلف وٺندو، علي امين گنڊاپور پاڻ اسيمبلي فلور تي پنهنجي استعيفيٰ جو اعلان ڪيو، نئين چونڊيل وڏي وزير لاءِ خيبر پختونخواهه جي گورنر جي عهدي تان حلف کڻڻ ضروري آهي.
