ملڪ ۾ پيٽرول جي قيمتن ۾ 6 رپيا 10 پئسا في ليٽر لاٿ جو امڪان
(ويب ڊيسڪ) ملڪ ۾ ايندڙ پندرهن ڏينهن لاءِ پيٽرول جي قيمت ۾ لاٿ جو امڪان آھي، 16 آڪٽوبر کان پيٽرول في لٽر 6 رپيا 10 پيسا ۽ هاءِ اسپيڊ ڊيزل جي قيمت ۾ 97 پيسا في لٽر لاٿ ٿي سگهي ٿي.
جڏهن ته گاسليٽ جي قيمت ۾ 2 رپيا 75 پيسا ۽ لائيٽ ڊيزل جي قيمت ۾ ھڪ روپيو 64 پيسا في لٽر گهٽجڻ جو امڪان آهي. پيٽروليم ڪمپنين اگهن متعلق رپورٽ اوگرا کي موڪلي ڇڏي آهي،
اوگرا اڄ شام پيٽروليم شين جي قيمتن بابت سمري پيٽروليم ڊويزن ذريعي ناڻي وزارت ڏانهن موڪليندي، وزيراعظم سان صلاح مشوري بعد ناڻي واري وزارت سڀاڻي پيٽروليم شين جي نون اگهن جي حتمي منظوري ڏيندي.
