گورنر صاحب، توهان هتي ڇا پيا ڪريو؟ بلاول ڀٽو پاران ڪي پي ڪي جي گورنر کان سوال
ڪراچي (رپورٽ: باقر حسين سمون) پاڪستان پيپلز پارٽي (PPP) جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري گورنر خيبرپختونخواهه فيصل ڪريم ڪنڊي کي ڪراچي ۾ موجود هئڻ تي تنقيد جو نشانو بڻائيندي کيس فوري طور ڪي پي وڃڻ جي هدايت ڪئي آهي.
بلاول ڀٽو آرٽس ڪائونسل ڪراچي ۾ تقريب دوران تقرير ڪندي چيو گورنر صاحب! توهان هتي ڇا پيا ڪريو؟ ڪي پي ڪي وڃو، آئين جي پاسداري ڪريو مراد علي شاهه کي چوان ٿو، پنهنجو جهاز ڏئي فيصل ڪريم ڪنڊي کي ڏئي ته هو ڪي پي وڃي.
واضح رهي ته گورنر ڪي پي فيصل ڪريم ڪنڊي ڪجهه ڏينهن کان ڪراچي ۾ موجود آهي، جڏهن ته خيبرپختونخواهه ۾ نئين وڏي وزير جي چونڊ جو عمل جاري آهي ۽ ان بابت آئين تحت حلف برداري جو عمل پوئتي ٿي چڪو آهي، ان حوالي سان معاملو عدالت تائين وڃي پهتو آهي.
هوڏانهن فيصل ڪريم ڪنڊي تي الزام آهي ته هو گورنر هئڻ باوجود نئين چونڊيل وڏي وزير کان حلف نه ٿو وٺي، جنهن سبب ڪي پي ۾ سياسي بحران پيدا ٿي چڪو آهي.
