ڪراچي: سنڌ حڪومت پاران افغان شهرين بابت اهم قدم: ٽن ڪيٽيگريز ۾ ورهائڻ بعد غير قانوني قرار
ڪراچي: (رپورٽ: باقر حسين سمون) سنڌ جي گهرو کاتي پاڪستان ۾ رهندڙ افغان شهرين کي ٽن ڪيٽيگريز ۾ ورهائي، سڀني کي غير قانوني قرار ڏئي ڇڏيو آهي. هي فيصلو گهرو کاتي جي سيڪريٽري ۽ ايڊيشنل چيف سيڪريٽري اقبال ميمڻ جي صدارت هيٺ ٿيل اجلاس ۾ ڪيو ويو.
اجلاس ۾ ايڊيشنل آءِ جي ڪراچي جاويد عالم اوڍو، اسپيشل سيڪريٽري سعيد احمد شيخ، ڊي آءِ جي اسپيشل برانچ، نادرا، ايف آءِ اي ۽ ٻين لاڳاپيل ادارن جي آفيسرن شرڪت ڪئي.
اجلاس دوران پوليس ڪاررواين بابت رپورٽ پيش ڪئي وئي، جڏهن ته افغان شهرين خلاف جاري ڪاررواين جو به جائزو ورتو ويو. ڊي آءِ جي سينٽرل اجلاس ۾ آگاهي ڏيندي ٻڌايو ته ڪيترن ئي افغان شهرين طرفان ملڪيتن تي قبضا ڪيا ويا آهن.
گهرو کاتي پاران هدايت ڪئي وئي ته ڊپٽي ڪمشنرز اهڙين ملڪيتن کي قانوني طريقي سان تحويل ۾ وٺن، جڏهن ته قبضي بابت خط پڻ لکت ۾ موڪليو ويو آهي.
واضح رهي ته پاڪستاني شهرين سان شادي ڪندڙ افغان شهرين کي ملڪ جي رائج قانون تحت شهريت حاصل ڪرڻ جي اجازت حاصل هوندي، جنهن لاءِ نادرا، FIA ۽ لاڳاپيل ادارا قانوني ڪارروائي عمل ۾ آڻيندا.
ذريعن موجب، غير قانوني رهندڙ افغان شهرين خلاف جلد وڌيڪ آپريشنز جو امڪان آهي.
