دادو ۾ شاپنگ سينٽر مان قبضو ختم ڪرائڻ تان جهيڙو، موٽرسائڪل کي باهه، ڇڪتاڻ تيز
دادو (رپورٽ: منصور چانڊيو) دادو جي جڙيل شاهه مارڪيٽ ۾ واقع رند شاپنگ سينٽر تان عدالتي حڪم تحت قبضو خالي ڪرائڻ جي ڪارروائي دوران ڇڪتاڻ پيدا ٿي.
اطلاعن موجب، عدالت جي حڪم تي عدالتي بيلف سان گڏ پوليس جا وڏا اٽالا شاپنگ سينٽر پهتا جڏهن پوليس ڪارروائي شروع ڪئي ته قبضو ڪري ويٺل ڌر جي سوين ماڻهن پاران مزاحمت ڪئي وئي، پوليس سان چڪريون، منھه ماري ۽ جهيڙو ٿيو.
ذريعن موجب، 4494 فوٽ ايراضي تي مشتمل شاپنگ سينٽر بابت عدالت علي نواز رند جي حق ۾ فيصلو ڏنو هو ۽ حڪم جاري ٿيو هو ته شاپنگ سينٽر مان قبضو ختم ڪرايو وڃي.
پوليس جو چوڻ آهي ته في الحال 6 دڪانن کي تالا هنيا ويا آهن، باقي قبضي هيٺ ايراضي خالي نه ٿي سگهي آهي. عدالت طرفان ماضي ۾ به پوليس کي بار بار حڪم ڏنا ويا هئا، پر ڪارروائي بنا نتيجي جي رهي، جنهن سبب عدالت پوليس کي شوڪاز نوٽيس به جاري ڪيا.
عدالت ۾ ايس ايس پي دادو سميت ٻين پوليس عملدارن پيش ٿي عدالتي حڪم تي عمل لاءِ مهلت طلب ڪئي ۽ خاطري ڪرائي ته جلد سڄي ايراضي خالي ڪرائي رپورٽ پيش ڪئي ويندي.
علي نواز رند ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو مون کي عدالتن تي مڪمل اعتماد آهي، پوليس عدالتي حڪم تحت ڪارروائي ڪري رهي آهي، مون کي اميد آهي ته منهنجي ذاتي ملڪيت جلد خالي ڪرائي ڏيندي
علي نواز ملاح ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو هي سينٽر منهنجو آهي، مخالف ڌر قبضو ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي. ضلعي انتظاميا مداخلت ڪري ته جيئن ڪو جهيڙو يا خونريزي نه ٿئي، جيڪڏهن ڪو واقعو ٿيو ته ان جو ذميوار علي نواز رند هوندو
