پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ مندي جو رجحان، سيڙپڪارن جا اربين رپيا ٻڏي ويا
(ويب ڊيسڪ) اسٽاڪ مارڪيٽ ۾ ڪاروباري هفتي جي پهرين ڏينهن جي مندي سان شروعات ٿي آهي. واپار شروع ٿيندي ئي 100 انڊيڪس 2,972 پوائنٽس گهٽجي ويو، جنهن بعد انڊيڪس 160,126 پوائنٽس تي اچي ويو آهي. مندي سبب سيڙپڪارن کي اربين رپيا نقصان پهتو.
گذريل هفتي جي آخري ڏينهن تي واپار جي آخر ۾، انڊيڪس 163,098 تي بند ٿيو.
