پهرين ٽيسٽ جو ٻيون ڏينهن: پاڪستان جي بيٽنگ جاري، هڪ اوور ۾ 3 وڪيٽون ڪري پيون
(ويب ڊيسڪ) ڏکڻ آفريڪا خلاف پهرين ٽيسٽ جي ٻين ڏينهن پاڪستان جي پهرين اننگز جاري آهي، گرين شرٽس 8 وڪيٽن جي نقصان تي 368 رنسون ٺاهي ورتيون آهن.
لاهور جي قذافي اسٽيڊيم ۾ ٿيندڙ ميچ ۾ پاڪستان پنهنجي پهرين اننگز 5 وڪيٽن جي نقصان تي 313 رنسن ختم ڪئي هئي، محمد رضوان 62 ۽ سلمان علي آغا 52 رنسن سان وڪيٽ تي موجود هئا.
محمد رضوان 362 جي مجموعي اسڪور تي 75 رنسن تي آئوٽ ٿيو، جنهن کانپوءِ نعمان علي ۽ ساجد خان به هڪ ئي اوور ۾ 0 تي آئوٽ ٿي ويا، ٽنهي رانديگرن کي سينورن متوسامي آئوٽ ڪيو.
