سهيل آفريدي خيبرپختونخواهه جو نئون وزير اعليٰ چونڊجي ويو
(ويب ڊيسڪ) خيبرپختونخواهه اسيمبلي ۾ ميمبرن جو ڪل تعداد 145 آهي، جن مان 93 حڪومتي ميمبر ۽ 52 مخالف ڌر جا ميمبر آهن. قائد ايوان چونڊجڻ لاءِ 73 ووٽ گهربل هئا.
ڪي پي اسيمبلي جي اسپيڪر نئين قائد ايوان جي چونڊ جو طريقو بيان ڪيو، جنهن بعد اسيمبلي ۾ ووٽنگ ٿي، 90 ايم پي ايز سهيل آفريدي کي نئون قائد ايوان چونڊيو.
سهيل آفريدي اسيمبلي جي اجلاس کي خطاب ڪندي چيو ته مان پي ٽي آءِ جي باني جو شڪرگذار آهيان جو مزدور کي چونڊيو اٿس، جنهن جو نه ته ڀاءُ، نه پيءُ ۽ نه ئي چاچو هن عهدي لاءِ سياست ۾ آهي. مان محنت ڪري هتي پهتو آهيان. مان پهريان پاڪستاني آهيان، پوءِ پختون ۽ قبائلي آهيان. منهنجي نالي ۾ زرداري يا ڀٽو هجڻ مون کي اڳواڻ نٿو بڻائي.
علي امين گنڊاپور چيو ته هن 19 مهينن ۾ جيڪو ڪجهه ڪيو اهو رڪارڊ تي آهي. جڏهن اسان اقتدار ۾ آياسين ته اسان وٽ صرف 18 ڏينهن جي پگهار هئي. اڄ صوبائي خزاني ۾ 218 ارب رپيا آهن. مخالف ڌر مون کي شڪايت ڪندي ته مون انهن کي فنڊ نه ڏنا، پر عوام خوش آهي ڇو ته مون اهو پئسو عوام ۾ لڳايو.
