ڪراچي ۾ به مذهبي جماعت جو احتجاج، ٽريفڪ جام، انٽرنيٽ جزوي طور تي معطل
ڪراچي (نمائندن وٽان) پنجاب کان بعد مذهبي جماعت پاران احتجاج جو سڏ ڏنو ويو آهي، مذهبي جماعت جي ڪارڪنن جي احتجاج سبب شهر ۾ ڪيترن ئي هنڌن تي ٽرئفڪ جام آهي ۽ انٽرنيٽ ۾ به جزوي خلل اچي رهيو آهي.
ڪارڪنن نيو ڪراچي ۾ نالا اسٽاپ تي احتجاج ڪيو، جتي مڇريل ماڻهن گاڏين تي پٿراءُ ڪيو. ساڳئي طرح مظاهرين نارٿ ڪراچي 4 چورنگي تي روڊ بلاڪ ڪيو آهي، جنهن سبب ٽرئفڪ جام ٿي ويو ۽ شهرين کي ڏکيائيون پيش آيون.
پوليس موجب پاور هائوس، اينڊا موڙ، سنڌي هوٽل ۽ 4K چورنگي جي چوڌاري احتجاج ٿيا. پوليس پهچي ماڻهن کي ڇڙوڇڙ ڪيو.
