غزه امن معاهدو: پهرين مرحلي ۾ فلسطيني قيدين جي بدلي ۾ 7 اسرائيلي يرغمالي آزاد

l_417971_115426_updates

(ويب ڊيسڪ) غزه امن معاهدي تحت 20 اسرائيلي يرغمالين جي بدلي ۾ 1,700 کان وڌيڪ فلسطيني قيدين کي آزاد ڪرڻ جو عمل اڄ کان شروع ٿي ويو آهي.

عرب ميڊيا جي رپورٽن موجب ته حماس ۽ اسرائيل وچ ۾ يرغمالين ۽ قيدين جي بدلي لاءِ ريڊ ڪراس جون گاڏيون غزه جي دير البله علائقي ۾ پهچي ويون آهن.

پرڏيهي خابرو اداري موجب، فلسطيني قيدي بسن ۾ اسرائيلي جيلن مان نڪري ويا آهن.

اسرائيلي فوج جو چوڻ آهي ته شروعاتي طور تي 7 يرغمالين کي آزاد ڪيو ويو آهي، آزاد ڪيل اسرائيلي يرغمالين کي ريڊ ڪراس جي حوالي ڪيو ويو آهي، حماس پڻ 7 اسرائيلي يرغمالين کي ريڊ ڪراس جي حوالي ڪرڻ جي تصديق ڪئي آهي.

عرب ميڊيا موجب، معاهدي تحت 20 اسرائيلي يرغمالين کي آزاد ڪيو ويندو، ۽ 20 اسرائيلي يرغمالين جي بدلي ۾ 1,700 کان وڌيڪ فلسطيني قيدي آزاد ڪيا ويندا.

عرب ميڊيا جي رپورٽن موجب، اسرائيل مان آزاد ڪيل فلسطيني قيدين کي ڏکڻ غزه ۾ النصر اسپتال آندو ويندو، ۽ 1,716 فلسطيني قيدين کي النصر اسپتال پهچايو ويندو.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *