پاڪ افغان تڪرار ڳالهين ذريعي حل ٿيڻ گهرجن: قطر، سعودي عرب

1

(ويب ڊيسڪ) پاڪ-افغان سرحد تي افغان فورسز جي بي سبب فائرنگ ۽ پاڪستاني فوج جي سخت جواب بعد سعودي عرب ۽ قطر رد عمل ظاهر ڪيو آهي.

سعودي عرب پاڪ-افغان سرحدي ڇڪتاڻ تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو آهي ۽ ٻنهي ملڪن تي زور ڏنو آهي ته اهي تڪرار کي حل ڪرڻ لاءِ صبر ۽ ڳالهين جو رستو اختيار ڪن.

سعودي پرڏيهي وزارت چيو آهي ته سعودي عرب اسلامي جمهوريه پاڪستان ۽ افغانستان جي وچ ۾ سرحدي علائقن ۾ تازين جهڙپن ۽ ڇڪتاڻ تي سخت ڳڻتي جو اظهار ڪري ٿو. ٻنهي کي تڪرار وڌائڻ کان پاسو ڪرڻ گهرجي ۽ ڳالهه ٻولهه، دانشمندي ۽ تحمل جو مظاهرو ڪرڻ گهرجي.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *