پاڪ-افغان سرحد تي جهڙپون، طالبان ڪيتريون ئي پوسٽون ڇڏي ڀڄي ويا، درجنين افغان فوجي ۽ خارجي مارجي ويا
(ويب ڊيسڪ) سيڪيورٽي ذريعن موجب، پاڪ-افغان سرحد تي افغانستان طرفان بنا ڪنهن سبب جي فائرنگ ڪئي جنهن جو پاڪ فوج سخت جواب ڏنو. افغان فورسز انگور اڊا، باجوڙ، ڪرم، دير، چترال ۽ بارام چاه ۾ بي سبب فائرنگ ڪئي.
افغان فوج جي فائرنگ جو مقصد خوارج کي سرحد پار ڪرائڻ هو. پاڪ فوج شاندار جواب ڏنو. پاڪستاني فوج ڪيترن ئي افغان پوسٽن کي مؤثر طريقي سان نشانو بڻايو.
ذريعن موجب، پاڪستان جي بروقت ڪارروائي جي ڪري افغانستان جون ڪيتريون ئي سرحدي پوسٽون تباهه ٿي ويون. پاڪستان جي بروقت ڪارروائي جي ڪري درجنين افغان فوجي ۽ خارجي مارجي ويا. طالبان پنهنجيون ڪيتريون ئي پوسٽون ڇڏي ڀڄي ويا.
