خيرپور ۾ بي سيڪشن ٿاڻي جي حد مان نامعلوم موٽرسائيڪل سوار هٿياربندن پاران شھري کان 25 هزار رپيا ڦر

Screenshot (2)

خيرپور (رپورٽ: زبير سومرو) خادم حسين ڦلپوٽو، جيڪو لقمان ڦاٽڪ تي برياني تڪا ڪباب هلائي گذر سفر ڪندو آهي، رات دير سان پنهنجي ڪم تان موٽندي گهر وڃي رهيو هو ته ان دوران موٽر سائيڪل تي سوار ٻن هٿياربندن کيس يرغمال بڻائي کيس هٿيارن جي زور تي روڪيو ۽ نقد رقم 25 هزار رپيا ڦر ڪري فرار ٿي ويا.

متاثر خادم حسين موجب، ڦورن جي منهن تي نقاب هئا، واقعي کانپوءِ فوري طور تي پوليس کي اطلاع ڏنو ويو پر ڦور فرار ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا.

علائقي واسين پاران وڌندڙ ڦرن ۽ لٽ مار جي واقعن خلاف سخت ڳڻتي جو اظهار ڪيو ويو آهي ۽ مطالبو ڪيو ويو آهي ته پوليس فوري طور تي واقعي ۾ ملوث هٿياربندن کي گرفتار ڪري شهرين کي تحفظ فراهم ڪري.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *