پاڪ فوج جي ڪاروائين ۾ 200 کان وڌيڪ طالبان جهنم واصل، 23 فوجي جوان شهيد: آءِ ايس پي آر

Pak-Afghan-war

راولپنڊي ( ويب ڊيسڪ) افغان طالبان جي جارحيت تي پاڪستان جي جوابي حملي ۾ 200 کان وڌيڪ افغان طالبان مارجي ويا ۽ ڪيترائي زخمي ٿيا آهن. جڏهن ته دشمن جي حملي دوران 23 فوجي شهيد ۽ 29 زخمي ٿيا.

 آءِ ايس پي آر موجب 11 ۽ 12 آڪٽوبر جي رات افغان طالبان بغير ڪنهن سبب جي پاڪستان تي حملو ڪيو ۽ پاڪستان افغان طالبان جي جارحيت جو ڀرپور جواب مناسب انداز ۾ ڏنو.

آپريشن ۾ 200 کان وڌيڪ افغان طالبان مارجي ويا ۽ ڪيترائي زخمي ٿيا. جڏهن ته دشمن جي حملي دوران 23 فوجي شهيد ۽ 29 اهلڪار زخمي ٿيا. جوابي حملي جي نتيجي ۾ دشمن جي 21 هنڌن تي قبضو ڪيو ويو.

دشمن جي آپريشن جو مقصد سرحدي علائقن ۾ عدم استحڪام ۽ دهشتگردي کي فروغ ڏيڻ هو. پاڪستاني فورسز جي بروقت ڪارروائي سان دشمن جي منصوبن کي ناڪام بڻايو ويو. پاڪستاني فوج سرحد پار طالبان جي ڪيترن ئي پوسٽن، ڪئمپن ۽ تربيتي مرڪزن کي نشانو بڻايو. ۽ سرحدي علائقي ۾ افغان طالبان جي بنيادي ڍانچي کي وڏو نقصان پهتو.

آءِ ايس پي آر چيو ته آپريشن دوران عام ماڻهن جي حفاظت لاءِ خاص قدم کنيا ويا. جڏهن ته پاڪستان افغان طالبان جي عبوري حڪومت کان مطالبو ڪيو آهي ته هو پنهنجي سرزمين تان دهشتگرد تنظيمن کي ختم ڪري.

افغان طالبان جي پرڏيهي وزير جي هندستان جي دوري دوران اشتعال انگيز ڪارروائي علائقائي امن لاءِ خطرو آهي. جڏهن ته پاڪستان افغان طالبان جي عبوري حڪومت کان فوري ۽ تصديق ٿيل قدمن جو مطالبو ڪري ٿو.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *