ڏهرڪي: ماڙي پيٽروليم ڪمپني آڏو 24 ڏينهن کان جاري شاگردن جو ڌرڻو ڪاميابي سان ختم، مطالبا منظور

Screenshot (6)

ڏهرڪي/گهوٽڪي (رپورٽ: وسيم اڪرم ڀٽو _ لالا آصف بلوچ) شاگرد اڳواڻن موجب ايم پي اي سردار نادر اڪمل لغاري جي خاص ڪردار ادا ڪرڻ بعد ڪمپني انتظاميا شاگردن جا سڀئي جائزا مطالبا تسليم ڪري ورتا.

انهي سلسلي ۾ طئي ٿيو ته 50 مقامي شاگردن کي ايڊوانس ٽريننگ مڪمل ٿيڻ بعد ڪمپني ۾ نوڪريون ڏنيون وينديون.

ايم پي اي نادر اڪمل لغاري جي فرزند اڪمل خان لغاري ڌرڻي واري هنڌ پهچي شاگردن سان ملاقات ڪئي ۽ سندن مسئلا حل ٿيڻ جو اعلان ڪندي احتجاج ختم ڪرڻ جو چيو، جنهن بعد شاگرد اڳواڻن ڌرڻو ختم ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو.

شاگردن خوشي جو اظهار ڪندي سردار نادر اڪمل لغاري ۽ ڪمپني انتظاميا جو ٿورو مڃيو ته هنن سندن جائز مطالبن کي قبول ڪري روزگار جا در کوليا.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *