افغان اختيارين کي علائقائي امن جي مفاد ۾ تحمل ۽ ذميواري جو مظاهرو ڪرڻ گهرجي: بلاول ڀٽو

Bilawal-Bhutto

(ويب ڊيسڪ) چيئرمين پيپلز پارٽي بلاول ڀٽو زرداري پاڪ-افغان سرحد تي تازي صورتحال تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو ۽ چيو ته افغان اختيارين کي علائقائي امن جي مفاد ۾ تحمل ۽ ذميواري جو مظاهرو ڪرڻ گهرجي. ۽ افغان فورسز پاران بي سبب جارحيت علائقائي امن ۽ استحڪام لاءِ سنگين خطرو آهي.

هن چيو ته افغان فورسز پاران بي سبب جارحيت گڏيل خوشحالي لاءِ اجتماعي ڪوششن لاءِ نقصانڪار آهي. جڏهن ته پاڪستاني فوج افغان فوج جي حملي جو جواب عزم، تحمل ۽ پيشه وراڻي صلاحيت سان ڏنو.

بلاول ڀٽو زرداري چيو ته پاڪستان پرامن، مستحڪم ۽ خوشحال افغانستان چاهي ٿو. ۽ طالبان قيادت کي پائيدار امن ۽ استحڪام لاءِ عملي، مفيد ڳالهين ۽ تعاون ۾ شامل ٿيڻ گهرجي.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *