باڊهه: تعلقه موومينٽ جي سڏ تي 324هين هفتي به احتجاج رڪارڊ ڪرايو ويو
باڊهه ( رپورٽ: رفيق احمد ميراڻي ) باڊهه شهر کي تعلقي جو درجو ڏيارائڻ لاءِ 324هين هفتي به احتجاجي ريلي ڪڍي وئي، باڊهه تعلقه موومينٽ جي ڊپٽي ڪنوينر زيب علي ساريو جي اڳواڻي ۾ ريلي باڊهه ميڊيا هائوس کان شروع ٿي، ۽ ٽائون هال اڳيان پهچي احتجاج ڪيو ويو.
مظاهري ۾ علي انور عسڪري، ڪامريڊ عزيز بروهي، ڪامريڊ اصغر نوناري، عالم بروهي، مولا بخش ڦلپوٽو، مير مرتضيٰ گوپانگ، لالا عبدالغفور ساريو ۽ ٻين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. مظاهرين باڊهه تعلقي جي حمايت ۾ اڀ ڏاريندڙ نعريبازي ڪئي.
اڳواڻن چيو ته سنڌ حڪومت باڊهه واسين سان ويساهه گهاتي ڪئي آهي. ايڏي وڏي تاريخي شهر کي هزارين واعدن باوجود تعلقي جو درجو ناهي ملي سگهيو آهي، اڳواڻن اهو پڻ چيو ته باڊهه ۾ بدامني، جوا ۽ منشيات جي واهپي ڪيترن ئي نوجوانن جي زندگي ضايع ڪري ڇڏي آهي. ڪيترائي گهر تباهه ۽ برباد ٿي چڪا آهن، پر ڪير به ان خلاف ڪاروائي ڪرڻ لاءِ تيار ناهي.
اڳواڻن مطالبو ڪيو آهي ته باڊهه شهر کي تعلقي جو درجو ڏئي، نوٽيفڪيشن جاري ڪيو وڃي ته جيئن شهرين ۾ موجود بيچيني ختم ٿي سگهي. مظاهري ۾ اعلان ڪيو ته جيڪڏهن مطالبو نه مڃيو ويو ته احتجاج جو دائرو وسيع ڪيو ويندو
