سڳيون ڀرسان ڪلھوڙا برادري جي ٻن گهرن کي باهه الهه تلهه سڙي رک

WhatsApp Image 2025-10-11 at 19.07.33_6e5832d4

سڳيون (رپورٽ: نجيب ڪلهوڙو ) ڪچي واري علائقي آدم جي ٻنڊي ڀرسان جوڻيجن جي ڪيٽي ۾ ڪلھوڙا برادري جي ٻن گهرن کي باهه وڪوڙي وئي.

پورٽ موجب سولر پينل جي تار مان سرڪٽ شارٽ ٿيڻ سبب گلاب علي ڪلهوڙو ۽ عظيم ڪلهوڙو جي گهرن ۾ اوچتو باهه لڳي وئي.

باهه لڳڻ سبب ٻنهي گهرن ۾ پيل لکين رپين جو قيمتي سامان هڪ ٽريڪٽر، 35 مڻ تر، 50 مڻ کان وڌيڪ ڪڻڪ، کٽون، هند بسترا ۽ ٻيو گهريلو سامان مڪمل طور تي سڙي رک ٿي ويو. متاثر خاندان سخت معاشي پريشاني ۾ مبتلا ٿي ويا آهن ۽ هن وقت کلي آسمان هيٺ ويٺل آهن.

مقامي ڳوٺاڻن جو چوڻ آهي ته متاثر خاندان تمام غريب آهن ۽ هن وقت ڪنهن به سهائتا کان وانجھيل آهن. ڳوٺاڻن پاران لاڳاپيل انتظاميا، ڊي سي ۽ سرندي وارن کي اپيل ڪئي ته متاثر خاندانن سان مالي مدد ڪري سندن بحالي لاءِ قدم کنيا وڃن.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *