ريتي: ڳوٺ مراد شر واسين جو زمين تي قبضي خلاف احتجاج، معصوم ٻارڙن ۽ عورتن جي شرڪت

Screenshot

ريتي (رپورٽ: اسد زمان چاچڙ) کينجهو ٿاڻي جي حد ۾ واقع ڳوٺ مراد شر جي رهواسين پاران زمين تي مبينا قبضي خلاف احتجاج ڪيو ويو، جنهن ۾ معصوم ٻارڙا ۽ عورتون به پهتيون.

احتجاج ڪندڙن جو چوڻ هو ته بااثر شخص راڻو شر سندن زرعي زمين تي زبردستي قبضو ڪري ڇڏيو آهي. سندن دعويٰ آهي ته زمين جا قانوني مالڪ هئڻ باوجود کين پنهنجي ئي زمين تي وڃڻ کان روڪيو پيو وڃي.

شبير شر ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو: راڻو شر اسان جي خانداني زمين تي قبضو ڪري ڇڏيو آهي. منهنجي ڀاءُ پرويز شر کي پڻ مبينا طور تي گرفتار ڪري غائب ڪيو ويو آهي.

هن وڌيڪ الزام لڳايو ته پوليس بااثر ماڻهن جي ملي ڀڳت سان سندن خلاف ناانصافي ڪري رهي آهي.

احتجاج ڪندڙن اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪيو آهي ته واقعي جو نوٽيس وٺي، زمين واپس ڪرائي وڃي ۽ مبينا طور گم ٿيل پرويز شر کي بازياب ڪرائي، انصاف مهيا ڪيو وڃي.

هوڏانهن واقعي بابت بااثر ڌر راڻو شر ۽ لاڳاپيل پوليس عملدارن جو موقف وٺڻ لاءِ ڪوشش ڪئي وئي، پر سندن طرفان ڪا به وضاحت سامهون نه اچي سگهي.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *