وفاقي حڪومت سرڪاري ملازمن لاءِ وڏو مالي رليف فراهم ڪندي هائوس رينٽ الاؤنس ۾ 85 سيڪڙو واڌ جو اعلان ڪري ڇڏيو

1142974_9113349_A-person-Counting-Pak-Currency-AFP_akhbar

(ويب ڊيسڪ ) ميڊيا رپورٽن موجب وفاقي حڪومت گريڊ 1 کان 22 تائين جي سڀني سرڪاري ملازمن جي هائوسنگ رينٽ الاؤنس ۾ 85 سيڪڙو واڌ ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي.

ذريعن موجب، ناڻي واري وزارت تجويز جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي، جيڪا جلد ئي وفاقي ڪابينا جي اجلاس ۾ حتمي منظوري لاءِ پيش ڪئي ويندي.

نئون الاؤنس هاڻي ملازمن جي موجوده بنيادي پگهار جي مطابق طئي ڪيو ويندو، جڏهن ته اڳ ۾ اهو 2008 جي پگهار جي بنياد تي ڏنو ويندو هو.

ذريعن جو چوڻ آهي ته ڪابينا جي منظوري بعد هي فيصلو مهانگائي ۽ وڌندڙ ڀاڙن کان متاثر سرڪاري ملازمن لاءِ هڪ اهم رليف ثابت ٿيندو.

هن پاليسي کي گذريل ڪيترن ئي سالن ۾ هائوس رينٽ الاؤنس ۾ سڀ کان وڏو اضافو قرار ڏنو پيو وڃي، جنهن جو مقصد سرڪاري ملازمن جي مالي دٻاءُ کي گهٽائڻ آهي.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *