ملڪ جو 78هون آزادي جو ڏهاڙو قومي جوش ۽ جذبي سان ملهايو ويو

pakistan-3

( ويب ڊيسڪ ) 14هين آگسٽ 2025 جي شروعات تي توپن جي سلامي ڏني وئي ۽ فجر جي نماز ۾ ملڪي ترقي، يڪجهتي، امن ۽ خوشحالي لاءِ خاص دعائون گهريون ويون.

رات 12 ٿيندي ئي سڄي ملڪ ۾ آزادي جو جشن شروع ٿيو، ڪراچي، لاهور، اسلام آباد، پشاور ۽ ڪوئيٽا سميت ملڪ جي ننڍن وڏن شهرن ۾ آتشبازي جو مظاهرو ڪيو ويو ۽ قومي پرچم لهرايا ويا.

ڏينهن جي شروعات مسجدن ۾ ملڪي سلامتي، يڪجهتي ۽ خوشحالي لاءِ خاص دعائن سان ڪئي وئي، وفاقي تخت گاهه اسلام آباد ۾ 31 ۽ صوبائي هيڊ ڪوارٽرن ۾ 21-21 توپن جي سلامي ڏني وئي.

جناح اسپورٽس ڪامپليڪس اسلام آباد ۾ آزادي ڏهاڙي ۽ معرڪه حق جي فتح جي تقريب ٿي، جنهن ۾ صدر آصف علي زرداري، وزيراعظم شهباز شريف، ٽنهي فوجن جا سربراهه، وفاقي ڪابينا ميمبر، قومي اسيمبلي ۽ سينيٽ جا ميمبر توڙي دوست ملڪن جا سفير ۽ شهري وڏي انگ ۾ شريڪ ٿيا.

لاهور ۽ ڪوئيٽا ۾ 21-21 توپن جي سلامي ڏني وئي، جڏهن ته ڪراچي ۾ قائداعظم جي مزار ۽ لاهور ۾ علامه اقبال جي مزار تي گارڊن جي تبديلي جي پروقار تقريب ٿي.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *