غزه ۾ اسرائيلي فوج جو ٽارگيٽڊ حملو، الجزيره جو رپورٽر 4 ساٿي سميت شهيد ٿي ويو

غزہ

( ويب ڊيسڪ ) غزه تي اسرائيلي حملي ۾ الجزيره جو معروف صحافي انس الشريف پنهنجي چئن ساٿين سان گڏ شهيد ٿي ويو.

غزه ۾ الشفا اسپتال جي ڊائريڪٽر موجب الجزيره جو صحافي انس الشريف پنهنجي ساٿين سان گڏ اسرائيل جي حملي ۾ شهيد ٿي ويو آهي.

اسرائيلي فوج الشفا اسپتال جي مک گيٽ ٻاهران صحافين لاءِ قائم ڪيل خيمي کي نشانو بڻايو ويو، جنهن ۾ الجزيره جو صحافي انس الشريف، محمد قرقيه، ڪئميرامين ابراهيم ظهير، محمد نوفل ۽ مومن عليوا شهيد ٿي ويا.

اسرائيلي فوج تصديق ڪئي ته حملي ۾ الجزيره جي صحافي انس الشريف کي نشانو بڻايو ويو.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *