ڳوٺ محمد خان مجيدي ۾ ڪجھه شاطر ماڻھو مسلسل اسان کي پريشان ڪري رھيا آھن: آپا مجيدي

Snapshot_3

سجاول ( رپورٽ: سليم ملاح ) ادبي گھراڻي سان تعلق رکندڙ سنڌ جي قومي عوامي شاعر محمد خان مجيدي جي نياڻي سنڌ جي ناليواري شاعره آپا مجيدي ۽ ڊاڪٽر سھيل مجيدي سورج سجاولي پريس ڪلب پھچي پريس ڪانفرنس ڪئي

سندن چوڻ هو ته اسان جي ڳوٺ محمد خان مجيدي جھوڪ شريف ۾ ويٺل ڪجھ شاطر قسم جا ماڻھو مسلسل اسان کي پريشان ڪري رھيا آھن اسان جي زمين تي قبضي ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رھيا آھن سوشل ميڊيا تي اسان جي ڪردار ڪشي ڪئي پئي وڃي.

هنن چيو ته جيڪو زمين وارو مامرو آهي ته ان زمين جو اسان 1999 ۾ کاتو ورتو ھو جنھن جا اسان وٽ سمورا ڪاغذ موجود آھن ۽ ڪورٽ سڳوري مان ٿيل فيصلي جا ڪاغذ پڻ موجود آھن

پريس ڪانفرنس ڪندي هنن چيو ته الزام ھڻندڙ لياقت جتوئي، اعجاز جتوئي حاڪم جتوئي، احسان جتوئي اسان کي مسلسل پريشان ڪري رھيا آھن اسان جي سوشل ميڊيا تي ڪردار ڪشي ڪري رھيا آھن

هنن وڌيڪ چيو ته اسان تي ڪوڙي الزام تراشي ڪري اسان جي زمين ڦٻائڻ ٿا چاھين اختياريون مامري جو نوٽيس وٺي اسان انصاف ڪن

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *