اوباوڙو: پوليس جو ڪچي ۾ آپريشن، پيءُ ۽ پٽ بازياب ڪرائڻ جي دعويٰ
اوٻاوڙو ( رپورٽ: غلام قمبر بوهڙ ) کنڀڙا ٿاڻي جي حد ڪراس بند ڪچي واري علائقي ۾ پوليس جو آپريشن جاري آهي، ڏوھارين ۽ پوليس وچ ۾ مقابلو ٿي پيو، فائرنگ جي ڏي وٺ دوران ڏوھارين جو گھيرو تنگ ٿيڻ تي ڏوهاري فائرنگ ڪندا فرار ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا
جڏهن ته پوليس پاران ٻه ڏينھن اڳ کنڀڙا ٿاڻي جي حد مان اغوا ٿيل پيءُ صاحبڏنو ۽ پٽ بالم مينگھواڙ کي باحفاظت بازياب ڪرائڻ جي دعويٰ ڪئي آھي
ھوڏانھن ايس ايس پي گھوٽڪي محمد انورکيتران پريس رليز ۾ ڄاڻايو آھي ته ڏوھاري مغوين کي هڪ ھنڌ کان ٻي ھنڌ منتقل ڪري رھيا ھئا ته ڳجهي اطلاع تي ايس ايڇ او کنڀڙا ظھير حسين ڀٽو پوليس جي وڏي نفري ساڻ ڪري مليل اطلاع واري ھنڌ پھتو ته ڏوھارين پوليس کي ڏسندي فائرنگ ڪري ڏني
پوليس ۽ ڏوھارين وچ ۾ مقابلو ٿي پيو فائرنگ جي ڏي وٺ دوران ڏوھارين جو گھيرو تنگ ٿيڻ تي ڏوهاري 2 ڏينھن اڳ اغوا ٿيل پيءَ ۽ پٽ کي ڇڏي فائرنگ ڪندا فرار ٿي ويا
