ٽنڊومستي: قومي شاهراهه تي ڪار ۽ موٽرسائڪل ۾ ٽڪر 3 زخمي

ٽنڊومستي ( رپورٽ: غلام اصغر ابڙو ) ٽنڊو مستي خان قومي شاھراهه تي تيز رفتار ڪار جو موٽر سائيڪل کي ٽڪر ٿي پيو، حادثي ۾ موٽرسائيڪل سوار ٻن عورتن سميت ٽئي ڄڻا زخمي ٿي پيا

ڳوٺ خدا بخش چوھاڻ وٽ ٿيل روڊ حادثي ۾ موٽرسائيڪل سوار ڪوٽ مير محمد ڀرسان ٻنڊو واسي رشيده زال محمد بخش ناريجو، وحيده ۽ امداد حسين شامل آهن

ان سلسلي ۾ ٻڌايو پيو وڃي ته موٽرسائيڪل سوار ڳوٺ کان گمبٽ طرف وڃي رھيا ھئا ته پويان ايندڙ ڪار جو ٽڪر لڳڻ سبب حادثو پيش آيو

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *