رتوديرو ۾ ڀٽي برادري جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙو، فائرنگ ۾ 3 واٽهڙو نينگر زخمي ٿي پيا

Snapshot_3

رتوديرو ( رپورٽ: احسان بوزدار ) موٽڻ پور محلي ۾ ٻن ڌرين جي جهيڙي دوران ٿيل فائرنگ ۾ گوليون لڳڻ سبب گھٽي ۾ بيٺل 3 نينگر نينگر 8 سالن جو ذيشان عارباڻي، 12 سالن جو ظهير علي عارباڻي ۽ 9 سالن خدا بخش ڀٽي زخمي ٿي پيا.

زخمين کي علاج لاءِ تعلقه اسپتال آندو ويو جتان فرسٽ ايڊ ڏيڻ بعد کين سي ايم سي اسپتال لاڙڪاڻو ريفر ڪيو ويو آهي.

زخمي نينگرن جي وارثن مطابق ڀٽي برادري جي ٻن ڌرين جو پاڻ ۾ جهيڙو ٿيو جنهن بعد هنن هڪ ٻئي مٿان سڌي فائرنگ ڪئي جنهن جي نتيجي ۾ اسان جا ٻه نينگر گوليون لڳڻ سبب زخمي ٿي پيا آهن.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *