خيرپور: ضلعي انتظاميه طرفان ٻن ڏينهن وارو يارهون عالمي کجور فيسٽيول اڄ کان شروع
خيرپور ( رپورٽ: زبير سومرو ) ضلعي انتظاميا طرفان ٻن ڏينهن وارو يارهون عالمي کجور فيسٽيول اڄ کان شروع ٿي ويو
سنڌ جي اڳوڻي وڏي وزير سيد قائم علي شاهه ۽ ڪمشنر سکر عابد سليم قريشي طرفان کجور فيسٽيول جو افتتاح ڪيو ويو
ان موقعي تي سيد قائم علي شاهه طرفان کجور فيسٽيول ۾ آبادگارن طرفان کجور ۽ سماجي تنظيمن توڙي مختلف ادارن طرفان لڳايل مختلف اسٽالن جو دورو ڪيو ويو
کجور فيسٽيول ۾ آبادگارن طرفان لڳايل اسٽالن ۾ کجور جون 60 کان وڌيڪ جنسون رکيون ويون آهن
فيسٽيول ۾ سياسي سماجي تنظيمن جي اڳواڻن، ڪارڪنن، واپارين، شهرين ۽ زندگي جي ٻين مختلف شعبن سان تعلق رکندڙ ماڻهن طرفان شرڪت ڪئي وئي آهي جڏهن ته اڄ کجور جي فصل کي هٿي وٺرائڻ لاءِ سيمينار پڻ ڪوٺايو ويو آهي جتي کجيءَ جا ماهر پنهنجا ويچار ونڊيندا
