پي ٽي آءِ کان سينيٽ ۽ قومي اسيمبلي ۾ اپوزيشن ليڊرز جا عهدا کسجي ويا: 4 پارلياماني عهدن ۽ 15 ڪاميٽيز مان رڪنيت ختم

National-Assembly-of-Pakistan

(ويب ڊيسڪ) پي ٽي آءِ کان سينيٽ ۽ قومي اسيمبلي ۾ اپوزيشن ليڊرز جا عهدا کسجي ويا: 4 اهم پارلياماني عهدن ۽ 15 ڪاميٽيز مان رڪنيت ختم ڪئي وئي. قومي اسيمبلي ۾ اپوزيشن ليڊر جو عهدو خالي قرار ڏنو ويو، قومي اسيمبلي سيڪريٽريٽ نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو.

عمر ايوب کان چئمبر به واپس واپس ورتو ويو. قومي اسيمبليءَ جي اجلاس ۾ اسپيڪر اياز صادق نااهل ميمبرن جي نالن متعلق ايوان کي آگاهه ڪري ڇڏيو. جن ۾ جمشيد دستي، محمد احمد چٺا، عمر ايوب، حيدر علي، حامد رضا، راءِ حسن نواز ۽ زرتاج گل شامل آهن. قومي اسيمبلي ۾ اپوزيشن ليڊر عمر ايوب جو عهدو ختم ڪرڻ بعد  اسپيڪر اياز صادق نئين اپوزيشن ليڊر جو نوٽيفڪيشن جاري ڪندو، اپوزيشن ليڊر لاءِ اپوزيشن ۽ اسپيڪر جي وچ ۾ مشاورت جو عمل ٻيهر شروع ٿيندو.

اسپيڪر قومي اسيمبلي نئين اپوزيشن ليڊر کي نوٽيفڪيشن جاري ڪندو. پي ٽي آءِ ۽ آزاد ميمبرن کي پارلياماني ليڊر ۽ ڊپٽي پارلياماني ليڊر لاءِ نالا ٻيهر ڏيڻا پوندا. قومي اسيمبلي جا ٽي عهدا تحريڪ انصاف کان واپس ورتا ويا. عمر ايوب اپوزيشن ليڊر جي عهدن تان فارغ ٿي ويو، زرتاج گل پارلياماني ليڊر ۽ احمد چٺا ڊپٽي پارلياماني ليڊر تان هٽي ويو، عمر ايوب کي پبلڪ اڪائونٽس ڪاميٽي ۽ فنانس ڪاميٽي مان به ڊي لسٽ ڪيو ويو.

پي ٽي آءِ جي 7 نااهل ميمبرز کان 15 اسٽينڊنگ ڪاميٽيز جي ميمبرشپ به واپس ورتي وئي، صاحبزاده حامد رضا جي انساني حقن جي اسٽينڊنگ ڪاميٽي جي چيئرمين شپ ختم ڪئي وئي، حسن نواز جي ريلوي بابت اسٽينڊنگ ڪاميٽي جي چيئرمين شپ به ختم ٿي وئي.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *