سکر: نارا ڪينال آر ڊي 115 وٽان ڪپڙا ڌوئيندڙ عورت تي مانگر مڇ جو حملو، عورت جي مڙس کيس بچائي ورتو
سکر ( رپورٽر ) نارا ڪينال آر ڊي 115 تي ڪپڙا ڌوئيندڙ عورت تي مانگر مڇ حملو ڪري ڏنو، پوليس موجب ڪپڙا ڌوئيندڙ عورت کي مانگر مڇ وات ۾ کڻي پاڻي ۾ ڇڪي ويو. جنهن تي عورت جي مڙس پنهنجي زال کي مانگر مڇ کان بچائڻ لاءِ نارا ڪينال ۾ ٽپو ڏنو ۽ مانگر مڇ کان پنهنجي گهرواري کي بچائي ورتو، پوليس موجب مانگر مڇ عورت کي ٽنگ ۾ چڪ پاتو جنهن کي سخت زخمي حالت ۾ اسپتال منتقل ڪيو ويو
